سام سنگ اي سيريز جا 3  نوان فون پيش ڪري ڇڏيا

سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڏکڻ ڪوريا جي ملٽي نيشنل ڪمپني سام سنگ پنهنجي مشهور اي سيريز جا ٽي فونز اي 15، اي 15 فائيو جي ۽ اي 25 پيش ڪيا آهن.

ڪمپني ٽنهي فونز کي مختلف ريم ۽ ميموري ماڊلز ۾ پيش ڪيو آهي، پر سڀني فونز جي اسڪرين ۽ بيٽري هڪ جهڙي ئي رکي وئي آهي جڏهن ته اي سيريز جي ٽنهي فونز ۾ چارجر به هڪ جهڙو ئي ڏنو ويو آهي.

ڪمپني ٽنهي فونز کي 6.5 انچن جي اسڪرين جڏهن ته 5 هزار ايم اي ايڇ جي بيٽري ۽ 25 واٽ فاسٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو آهي.

اهڙي طرح ٽنهي فونز ۾ اينڊرائڊ 14 آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي، پر اي 15 ۽ اي 25 جي چپ ڌار ڌار ماڊل جي ڏني وئي آهي.

ٽنهي فونز ۾ فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻيا سيڪيورٽي فيچرز به هڪ جهڙا ئي ڏنا ويا آهن پر ٽنهي فونز ۾ فرق رڳو ميموري ۽ ڪيمرا فيچرز جو آهي.

اي 15 ۽ اي فائيو جي وارن فونز کي 8 جي بي ريم ۽ 128 – 256 جي بي ميموري سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.

ٻنهي فونز جي فرنٽ تي 13 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي جڏهن ته ٻنهي جي بيڪ تي ٽي ڪيمرائون موجود آهن.

ٻنهي فونز جي پٺيان مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل، ٻي ڪيمرا 5 ۽ ٽين ڪيمرا 2 ميگا پڪسل جي ڏني وئي آهي.

اهڙي طرح اي 25 کي 6 ۽ 8 جي بي ريم جڏهن ته 256 جي بي ميموري سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.

اي 25 جي فرنٽ تي به 13 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي ۽ ان جي بيڪ تي به ٽي ڪيمرائونموجود آهن.

فون جي بيڪ تي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جڏهن ته ٻي 8 ۽ ٽين 2 ميگا پڪسل جي ڏني وئي آهي.

ڪمپني جي اي 15 فونز جي قيمت پاڪستاني تقريبن 58 هزار رپين کان شروع آهي جڏهن ته ٻنهي فونز جي وڌ کان وڌ قيمت 73 هزار رپيا رکي وئي آهي.

اهڙيءَ طرح اي 25 جي 6 جي بي ريم واري مادل جي قيمت پاڪستاني 76 هزار رپيا جڏهن ته 8 جي بي ريم واري جي قيمت 79 هزار رپين تائين رکي وئي آهي.

ڪمپني ٽنهي فونز کي شروعاتي طور تي ويتنام ۾ پيش ڪيوآهي، پرجلد انهن کي پاڪستان سميت سڄي خطي ٻين ملڪن ۾ به وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.