پ پ جو سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي بحران تي پ پ سڀاڻي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي موجب بليڪ مارڪيٽنگ خلاف احتجاج ڪيو ويندو، پ پ سڀاڻي سنڌ جي سڀني ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاج ڪندي.
هن چيو ته ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪرڻ سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ برابر آهي، ڪارڪن احتجاج ۾ شرڪت يقيني بڻائين.
سندس چوڻ هو ته سنڌ 70 سيڪڙو زراعت پيدا ڪندڙ صوبو آهي، زرعي ماڻهن کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ ملڪي معيشت ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي.
نثار کهڙي چيو ته ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ هارين جو معاشي قتل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.