ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ جي معاملي تي ڊائو يونيورسٽي کي 21 ڊسمبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر مبينا طور ليڪ ٿيڻ جي حوالي سان شاگردن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
شاگردن ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ٿيڻ خلاف داخل درخواست ۾ ڊائو يونيورسٽي جا نتيجا معطل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
ڊائو يونيورسٽي انتظاميا جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي، جنهن تي عدالت ڊائو يونيورسٽي کي 21 ڊسمبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
Next Post
You might also like