سعودي عرب ۾ 10 لک نيون ملازمتون

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي جي سياحت واري وزير احمد الخطيب خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته رياض ۾ ايڪسپو 2030ع جي ميزباني دوران سعودي عرب روزگار جا ڀرپور موقعا فراهم ڪندو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي جي سياحت بابت وزير احمدالخطيب ليبر مارڪيٽ جي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي چيو ته سعودي عرب ايڪسپو 2030ع جي موقعي تي هڪ هزار هوٽل جا ڪمرا مهيا ڪندو.
هن چيو ته سعودي عرب 2019ع ۾ سياحت جي قومي حڪمت عملي متعارف ڪرائي چڪو آهي، ان جي تحت سياحت سان قومي پيداوار ۾ ٽي کان ڏهه سيڪڙو تائين اضافو ٿيندو. 2030ع تائين ڏهه لک واڌو آساميون پيدا ڪرڻيون پونديون.
سندس چوڻ هو ته سياحت جو عالمي شعبو ليبر مارڪيٽ ۾ 10 سيڪڙو ماڻهن کي ملازمت ڏئي رهيو آهي. مستقبل ۾ ان جي وڌڻ جا امڪان روشن آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.