سڀ ڪسرون نڪري ويون، سون هڪ ڌڪ ۾ چوٽ چڙهي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن سون جي اگهه ۾ لاٿ ڏٺي وئي پر اڄ وڏي واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 5 هزار 700 رپين جي وڏي واڌ ٿي آهي.
نئين واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 18 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 4 هزار 887 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 87 هزار 157 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 54 ڊالر واڌ سان 2032 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.