نسيم شاهه پنهنجي ٻن ڀائرن جي اسلام آباد يونائيٽيڊ ۾ شموليت تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته مان سليڪٽر ناهيان جو پنهنجي ڀائرن جي اسلام آباد يونائيٽيڊ ۾ چونڊ ڪئي آهي.
واضح رهي ته نسيم شاهه هاڻ پي ايس ايل ۾ ڪوئيٽا بدران اسلام آباد طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو، جڏهن ته سندس ٻه ڀائر به اسلام آباد يونائيٽيڊ جو ئي حصو آهن.
اسلام آباد يونائيٽيڊ گذريل ڏينهن نسيم شاهه جي ننڍي ڀاءُ حنين ۽ عبيد شاهه کي به پنهنجي ٽيم جو حصو بڻايو هو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ٽن ڀائرن جي هڪ ئي ٽيم ۾ شموليت تي تنقيد ڪئي وئي.
ان حوالي سان نسيم شاهه چيو آهي ته مان سليڪٽر ناهيان جو پنهنجي ڀائرن کي اسلام آباد ۾ چونڊيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ منهنجي لاءِ نئين ٽيم آهي، اميد ته سيزن سٺو هوندو.
هن چيو ته منهنجا ڀائر ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي محنت سان آيا آهن، مان سليڪٽر ناهيان جو پنهنجي ڀائرن جي چونڊ ڪيان.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته انجري کانپوءِ واپسي آسان ناهي هوندي، هتي تمام سٺا بيٽر آهن، بالنگ چئلينج هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.