سڄي دنيا جي لڳ ڀڳ 200 ملڪن هوريا هوريا روايتي ٻارڻ جي استعمال ۾ گھٽتائي آڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي بدترين اثرن کان زمين کي تحفظ فراهم ڪري سگھجي.
اهو معاهدو دبئي ۾ گڏيل قومن تحت 30 نومبر کان جاري عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ڪوپ 28 دوران طئي ٿيو.
اهو پنهنجي طرز جو پهريون معاهدو آهي جنهن جي تحت ڪچي تيل، گيس ۽ ڪوئليجو استعمال هوريا هوريا ختم ڪيو ويندو.
2 هفتن تائين جاري رهندڙ ڪانفرنس دوران ان معاهدي تي اتفاق لاءِ ڊگھِيون ڳالهيون ڪيون ويون ۽ مبصرن موجب ان مان اشارو ملي ٿو ته دنيا روايتي ٻارڻ جي استعمال کي روڪڻ لاءِ متحد آهي.
سائنسدانن پاران ڪافي عرصي کان روايتي ٻارڻ جي استعمال جي روڪٿام کي موسمياتي تباهي کان بچڻ لاءِ آخري اميد قرار ڏنو پيو وڃي.
ڪوپ 28 جي صدر سلطان جابر ان معاهدي کي تاريخي قرار ڏيندي چيو ته حقيقي ڪاميابي ان وقت ٿيندي جڏهن ان تي عملدرآمد ٿيندو.