اشرف المخلوقات کي همٿائيندڙ ۽ پرواز ڏياريندڙ ڪمال جو منظر!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪائنات ۾ قدرت جون اڻ ڳڻيون ايجادون آهن جن جو اندازو ئي نٿو لڳائي سگهجي. رڳو ڌرتيءَ تي ئي ڏهه ڪروڙ کان وڌيڪ خدا جي مخلوق آهي، اهو انگ هر مخلوق جي جنس جو آهي جڏهن ته هر جنس ۾ اربين کربين مخلوق شامل آهن.

الله تعاليٰ جي سڀني مخلوقن مان انسان کي اشرف المخلوقات جو لقب ڏنو ويو آهي، مطلب انسان جي مخلوق کي سڀ کان اعليٰ ۽ عظيم قرار ڏنو ويو آهي.

هر ساهدار مخلوق کي الله تعاليٰ دماغ به ڏنو آهي جڏهن ته هر مخلوق پنهنجي پاڻ ۾ ٿوري يا گهڻي پر ايجاد جي صلاحيت ضرور رکي ٿي، شايد بهترين ايجاد، تحقيق، مطالعي ۽ نتيجن تائين پهچڻ واري سوچ جي ڪري ئي يا بنياد تي ئي انسان کي اشرف المخلوقات جو لقب ڏنو ويو آهي.

بهرحال خدا جي خلقيل انسان جون ايجادون ۽ تخليقون الڳ الڳ ۽ انوکون ترين آهن جن جو به وري ڳاڻاٺو لڳائڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي، رڳو ڪنهن به هڪ موضوع جي تخليق تي ئي ڳالهائجي يا مڪمل لکجي ته وڏا وڏا ڪتاب ڀرجي ويندا.

ڄاڻايل تصوير بابت تصديق ناهي ته ان جو خالق ڪير آهي، اها آرٽ ڪنهن شهر جي چوراهي جو مجسمو به ٿي سگهي ٿي ته ڪنهن شعر يا ڏوهيڙي جي لفظن کي ڏنل صورت به.

ان تصوير جو مقصد هر ڏسندڙ پنهنجي پنهنجي حوالي سان ڪڍي سگهي ٿو جڏهن ته اها آرٽ هر صورت ۾ وڏو ڪمال آهي.

تصوير ۾ مرد انسان جو هجڻ طاقت جي علامت کي سمجهي سگهجي ٿو، جڏهن ته ان جو زمين تي منهن ڀر پوڻ جا به دنيا کان منهن ڦيرڻ، لاعلمي، اڻڄاڻائي، اکيون ٻوٽڻ يا پٺي ڏيڻ سميت مختلف سبب ڪڍي سگهجن ٿا.

ان تصوير ٺاهڻ جو مک مقصد زندگي يا جدوجهد جو اختتام ڏيکارڻ آهي. اهڙي زندگي جيڪا هڪ جسم کي اڳتي جاري نه رکي سگهي هجي يا اهڙي جدوجهد جنهن کي ڪو جسم اڳتي جاري نه رکي سگهندو هجي ۽ آخرڪار هارائجي يا ٿڪجي پنهنجي جدوجهد کي پٺي ڏئي ڇڏي.

وري جڏهن ان پکي کي ڏسبو ته ان جا به مختلف سبب ڪڍي سگهجن ٿا.

اهو اڏندڙ پَکي ٿڪل ۽ هارايل، مسئلن کان لاتعلقي اختيار ڪندڙ انسان کي نئين همٿ ڏيندي کيس جدوجهد جاري رکڻ لاءِ پرواز ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي ڄڻ ته اهو چئي رهيو آهي ته اُٿ، تنهنجي منزل اڃا اڳتي آهي، تون ته اشرف المخلوقات آهين تون ڪيئن ٿو مسئلن کان منهن ڦيري سگهين يا منزل جي رستن تي هلندي ٿڪجي سگهين.

ان تصوير کي ڏسي ڪيترائي ماڻهو حوصلو ماڻي سگهن ٿا ۽ زندگيءَ جي جدوجهد جاري رکي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.