ڪينيا ويندڙن کي هاڻي ڪنهن به ويزا جي ضرورت ناهي

نائروبي (ويب ڊيسڪ) ڪينيا وڃڻ جي خواهشمندن کي هاڻي ويزا جي ضرورت نه پوندي.
ڪينيا جي صدر وليم روٽو اعلان ڪيو آهي ته سڄي دنيا مان ڪينيا ايندڙن کي جنوري کان ڪنهن به ويزا جي ضرورت نه پوندي.
روٽو چيو ته هن جي حڪومت پاران هڪ ڊجيٽل پليٽ فارم تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگھجي ته سڀني سياحن کي ويزا جي درخواست ڏيڻ جي ضرورت نه پوي. ان جي بدران کين پهريان کان اليڪٽرانڪ سفري اجازت ملي وڃي.
ڪينيا جي صدر نيروبي جي آزادي کي 60 سال مڪمل ٿيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هاڻي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان ڪنهن به فرد کي ڪينيا اچڻ لاءِ ويزا جي ضرورت نه رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.