لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ جي پنجاب ايس ايس پي عهدي جي 4 آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
نوٽيفڪيشن موجب عمارا اطهر کي چيف ٽريفڪ آفيسر لاهور لڳايو ويو آهي، هوءَ ان عهدي تي مقرر ٿيندڙ پهرين عورت آهي.
ان کانسواءِ اڳوڻي سي ٽي او ايس ايس پي مستنصر فيروز کي سيف سٽي اٿارٽي ۾ نئين پوسٽنگ ڏني وئي آهي، جڏهن ته آءِ جي پنجاب جي پرسنل اسٽاف آفيسر صاحبزاده بلال عمر کي تبديل ڪري اي آءِ جي ايڊمن اينڊ سيڪيورٽي ۽ حمزا امان الله کي نئون پي ايس او مقرر ڪيو ويو آهي.
You might also like