سون سستو ٿيڻ جو سلسلو جاري، اڄ به وڏي لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به لاٿ رڪارڊ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1800 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون قيمت ٻه لک 13 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1543 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 83 هزار 128 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 13 ڊالر گهٽجڻ سان 1985 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.