خيرپور / چونڊڪو (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو/علي شير ملاح) سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جي شڪار لاءِ اچي ڪيمپون هڻندڙ عرب شهزادا نه رڳو جانورن پر انسانن لاءِ به موت جو سبب بڻجي رهيا آهن.
خيرپور ۾ عرب شهزادي جي تيز رفتار ويگو گاڏي ڳوٺاڻي کي ٽڪر هڻي چيڀاٽي ماري ڇڏيو.
ياد رهي ته عرب شهزادا شڪار لاءِ هر سال اچي ڪيمپون قائم ڪندا آهن جن جون من مستيون رڪجي نه سگهيون آهن، هڪ پاسي جهنگلي جيوت جو نقصان ته ٻئي پاسي ڳوٺاڻن جي خدشن کي به انتظاميا نظرانداز ڪندي رهي آهي.
ان کان اڳ ناظم جوکيو عرب شهزادن جي ڪيمپن ۽ مقامي بااثرن خلاف آواز اٿاريو هو جنهن کي وڏيرن اوطاق تي گهرائي موت جو کاڄ بڻايو هو.
تازو اڄ خيرپور ۾ موٽرسائيڪل سوار سرور پٽ امير بخش مڱريو کي عرب شهزادي جي بي لغام ويگو ان وقت ٽڪر هنيو جڏهن هو پنهنجي مائٽ ماڻيٺو مڱريو سان قادن جي پيلس وڃي رهيو هو.
ويگو جي ٽڪر ۾ امير بخش ٿڏي تي فوت ۽ بحران پٽ ماڻيٺو مڱريو زخمي ٿي پيو.