ايم ڪيو ايم لاشن جي سياست کان پري رهي: پيپلزپارٽي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي اڳواڻ عبدالقادر پٽيل ايم ڪيو ايم کي لاشن ۽ الزامن جي سياست کان پري رهڻ جي صلاح ڏني آهي.

هن چيو ته مڇر ڪالوني ۾ فائرنگ ۽ قتل جي واقعي کي ايم ڪيو ايم سياسي رنگ ڏئي رهي آهي، سراج تي مختلف ڏوهن تي ڪيس داخل آهن جن ۾ قتل ڪيس به هو.

سراج اي اين پي جي ڪارڪن کي قتل ڪري لاش سمنڊ ۾ اڇلائڻ جو الزام آهي، مڇر ڪالوني فائرنگ واقعي ۾ اسان جي ڪارڪنن کي ملوث ڪرڻ شرمناڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.