حڪومت بليڪ مارڪيٽنگ روڪڻ جي مطالبن دوران يوريا ڀاڻ مهانگو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪڻڪ جي پوک کان پوءِ يوريا ڀاڻ جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
سرڪاري دستاويزن موجب يوريا جي 50 ڪلو ٻوريءَ جي قيمت وڌي 5 هزار 100 رپين تائين پهچي وئي،هن هفتي ڪوئيٽا ۾ يوريا جي ٻوريءَجي قيمت 449 رپين تائين وڌي آهي.
دستاويز موجب هڪ هفتي ۾ گوجرانوالا ۾ يوريا جي ٻوري 100 رپين تائين وڌيڪ مهانگي ٿي، انهيءَ دوران سکر ۾ يوريا جي ٻوري جي قيمت ۾ 300 رپين تائين واڌ ٿي.
هاڻوڪي هفتي دوران لاڙڪاڻي ۾ يوريا جي 50 ڪلو واري ٻوري 347 رپين تائين مهانگي ٿي، هڪ هفتي ۾ سرگوڌا ۾ يوريا بيگ جي قيمت 133 رپين تائين وڌي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.