چيني ٿوم آمريڪا لاءِ خطرو قرار

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽر چين مان درآمد ٿيندڙ ٿوم کي آمريڪي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏيندي اختيارين کان جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ريپبلڪن سينيٽر رڪ اسڪاٽ آمريڪي واپاري واري وزير کي خط لکي چيني ٿوم جي غير محفوظ هجڻ بابت خدشن جو اظهار ڪندي معاملي جو جاچ جو به مطالبو ڪيو آهي.
پنهنجي خط ۾ آمريڪي سينيٽر رڪ اسڪاٽ چيني ٿوم پوکڻ جي طريقن تي سوال اٿاريندي لکيو ته چين سڄي دنيا ۾ ٿوم جو سڀ کان وڏو ايڪسپورٽر آهي ۽ آمريڪا ان جو سڀ کان وڏو خريدار.
هن لکيو ته پرڏيهه ۾ خاص ڪري ڪميونسٽ چين ۾ ٿوم پوکڻ جا طريقا غير محفوظ آهن ۽ اها ڳالهه آمريڪا ۾ عام صحت جا مسئلا پيدا ڪري سگھي ٿي.
پنهنجي خط ۾ هن وڌيڪ لکيو ته فوڊ سيفٽي ۽ سيڪيورٽي هڪ اهم مسئلو آهي ان ڪري اهو معاملو اسان جي قومي سلامتي، پبلڪ هيلٿ ۽ معاشي خوشحالي لاءِ خطرو آهي.
آمريڪي سينيٽر واپاري واري وزارت کان مطالبو ڪيو ته چين مان درآمد ٿيندڙ ٿوم جي معيار ۽ ان جي آمريڪين جي صحت تي پوندڙ ناڪاري اثرن بابت جاچ ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.