2023ع ۾ پاڪستانين گوگل تي سڀ کان وڌيڪ ڇا سرچ ڪيو ويو؟

گوگل سرچ انجڻ کانسواءِ انٽرنيٽ واهپيدارن جي زندگي مڪمل نٿي ٿي سگھي.

روز گوگل تي اربين موضوع سرچ ڪيا ويندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو سرچ انجڻ پاران هر سال جي آخر ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ٿيل موضوعن جي لسٽ جاري ڪئي ويندي آهي.

گوگل 2023ع دوران پاڪستاني عوام پاران سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيل موضوعن جي لسٽ جاري ڪئي آهي.

گوگل گڏيل طور تي 8 مختلف ڪيٽيگريز ۾ پاڪستانين جي پسنديدهه سرچز جي لسٽ جاري ڪئي آهي.

ڪرڪيٽ گيمز، ايونٽس/Occassions، هائوٽو،خبرون،ريسيپيز،ٽي وي شوز ۽ فلمون، ٽيڪنالاجي ۽ شخصيتون انهن ڪيٽيگريز ۾ شامل آهن.

ڪرڪيٽ گيمز

ان ڪيٽيگري ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ مقابلي کي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٿيل ميچ ٻئين نمبر تي رهي.

ٽين نمبر تي پاڪستان آسٽريليا مئچ، ڇوٿين نمبر تي ڀارت نيوزيلينڊ مئچ جڏهن ته پاڪستان نيڌرلينڊ مئچ پنجين نمبر تي رهي.

ايونٽس/Occassions

ان ڪيٽيگري ۾ سڀ کان مٿي پاڪستان سپر ليگ جو نالو آهي جنهن کان پوءِ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ رهيو.

ٽين نمبر تي ايشيا ڪپ، چوٿين تي انڊي پريميئر ليگ جڏهن ته پنجين نمبر تي ايشز موجود آهي.

فلمون ۽ ٽي وي شوز

هن سال پاڪستان ۾ حيران ڪندڙ طور تي ڪنهن پاڪستاني يا ڀارتي فلم بدران هڪ هالي ووڊ فلم بابت ڄاڻڻ لاءِ سڀ کان گھڻو سرچ ڪيو ويو.

اوپن هائيمر کي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ شاهه رخ جون فلمون جواب (ٻئين) ۽ پٺان (ٽئين) نمبر تي رهي.

هالي ووڊ فلم باربي چوٿين نمبر تي رهي جڏهن ته بالي ووڊ فلم ٽائيگر 3 جي حصي ۾ پنجون نمبر ايو.

خبرون

ان ڪيٽيگري ۾ غزا جنگ کي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيو ويو جنهن بابت ڄاڻڻ لاءِ پاڪستانين گوگل جو رخ ڪيو.

احساس پروگرام ٻئين،عليزي سحر ٽئين،اڪشي ڪمار چوٿين جڏهن ته ڪاجول جي حصي ۾ پنجون نمبر آيو.

ريسيپيز

پاڪستاني شهرين کي کائڻ پيئڻ جو گھڻو شوق آهي ۽ 2023ع ۾ سموسا بڻائڻ جي ريسيپي کي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيو ويو.

جيرا بنائڻ جو طريقو ٻئي نمبر تي رهيو جنهن کان پوءِ شير خورما (کير واريون سيون) بابت سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيو ويو.

نمڪين گوشت ۽ ٽماٽو ڪيچپ ريسيپيز جي حصي ۾ ترتيبوار چوٿون ۽ پنجون نمبر آيو.

ٽيڪنالاجي

ان ڪيٽيگري ۾ حيران ڪندڙ طور تي سڀ کان وڌيڪ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ ) يا هٿرادو ذهانت تي ٻڌل چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي، کي سرچ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.