کدڙي فقير جي گهر مان چوري، ميهڙ پوليس جو دوبدو مقابلو، 4 اهلڪار زخمي، 8 جوابدار گرفتار، رقم هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميهڙ جي عبدالله ڪالوني ۾ صبح سور کدڙن فقيرن جي گهر مان چورن پاران چوري ڪئي وئي ۽ اهڙي معاملي بعد پوليس کوجي ڪتا گهرائي ورتا.

کوجي ڪتن جي مدد سان پيرا کنيا ويا جيڪي کوسا برادري عباس ۽ رتو کوسو جي گهرن ۾ پيا.

پوليس کي ڏسندي ئي جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڇڏي ۽ پوليس به مقابلو ڪيو.

دوبدو فائرنگ ۾ ديدار، صدام، اسلم سميت 4 پوليس اهلڪار گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي ميهڙ اسپتال منتقل ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي نيو ويو.

اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ پوليس جي واڌو نفري ۽ ليڊيز پوليس طلب ڪئي وئي ۽ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو.

پوليس پاران موقعي تي 3 جوابدار ۽ بعد ۾ ٽن عورتن سميت سمورا 8 جوابدار گرفتار ڪيا ويا جن وٽان رقم به هٿ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.