هڪ جيل مان نڪرڻ ۽ ٻيو جيل کان بچڻ لاءِ چونڊ وڙهي رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ جيل مان نڪرڻ ۽ ٻيو جيل کان بچڻ لاءِ چونڊ وڙهي رهيو آهي.
ڪوهاٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو قوم کي ٻڌائڻو پوندو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل ۾ ڪير ملوث هو، ڀٽو جي عدالتي قتل جا سهولتڪار ڪير هئا، جنرل ضياءَ کان وٺي ججن، وڪيلن ۽ سياستدانن سميت جيڪي به سهولتڪار هئا، اهي هن ملڪ جا ڏوهي آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مان اميد رکون ٿا ته هو پنهنجي اداري تي لڳل رت جو چُٽو پنهنجي هٿن سان ڌوئيندو.
سندس موجب اسان کي چيو ويو ته خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير جو فيصلو ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري هتي ڪنوينشن نه ڪيو، سياستدانن جا چونڊ وڙهڻ جا مقصد ذاتي آهن، چونڊن ۾ نه ڪو رانديگر ۽ نه ٻيو ڪو اسان جو مقابلو ڪري سگهي ٿو، هڪ چونڊ ان ڪري وڙهي رهيو آهي ته جيل مان نڪري وڃي ۽ ٻيو ان ڪري وڙهي رهيو آهي ته جيل کان بچي وڃي پر مان عوام جي مسئلن جي حل لاءِ چونڊ وڙهي رهيو آهيان،
هن چيو ته اسان رڳو عوام لاءِ چونڊ وڙهي رهيا آهيون، ڇو ته اسان جي قائد سيکاريو هو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، اسان روايتي ورهاست جي سياست کي دفن ڪري خدمت جي سياست جي شروعات ڪنداسين، اسان جو مقابلو سياستدانن سان ناهي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ غربت سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.