اسلام ڪوٽ ۾ آبادي ڀرسان گتو کولڻ تي ڇڪتاڻ، شهرين جو ڌرڻو

اسلام ڪوٽ (رپورٽر) اسلام ڪوٽ ۾ اعتراض باوجود منشيات فروش نه مڙيا ۽ زوري گُتي جو دڪان کولڻ لاءِ پهچي ويا، جنهن تي ڇڪتاڻ جي صورتحال پيدا ٿي وئي.
اسلام ڪوٽ شهر ۾ ٿرڪول باءِ پاس روڊ تي آبادين ويجهو گُتي واري پلاٽ تي اعتراض ۽ احتجاج باوجود منشيات فروش ساڳئي ضد ۽ انا تي قائم آهن ۽ منشيات فروشن دڪان اندر شراب لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڙي وارن پهچي ٻن ڄڻن کي پڪڙي شراب کسي ورتو، جنهن بعد ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿي ويو ۽ سون جي انگ ۾ ماڻهو گُتي واري هنڌ پهچي ويا.
گُتو کولڻ خلاف وڏي انگ ۾ ماڻهن مولانا تاج محمد سومرو، سيد ڀورل شاھ، وريام لنجو، سهراب راهمون، نواز سومرو، اشرف سمون، محسن لنجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باءِ پاس روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن بعد واپاري صدر ڪُلديپ پارواڻي به اتي پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪندي ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، بعد ۾ واپارين کُلندڙ گُتي خلاف مڪمل طور تي شهر بند ڪري شٽر بند هڙتال ڪري دڪان بند ڪري ڇڏيا.
ايس ايڇ او عطا محمد لغاري احتجاج ڪندڙن کي خاطري ڪرائي ته گُتو نه کلندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.