جانورن جي علا ج جي ماهر ٿر ڄائي مائي سليمت لاڏاڻو ڪري وئي

مٺي (رپورٽ: غازي بجير) ٿر ڄائي ۽ جانورن جو هٿ ڏس ذريعي علاج ڪندڙ مائي سليمت 97 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
ننگرپارڪر جي ڳوٺ تڳوسر ۾ 1926ع دوران جنم وٺندڙ مائي سليمت ڪيترين ئي فطري صلاحتين سان گڏ ننڍپڻ کان ئي هڪ منفرد ڪردار جي مالڪياڻي هئي.
چيو وڃي ٿو ته مائي سليمت هاليپوٽو ڪڏهن به اسڪول ۾ باضابطه تعليم حاصل نه ڪئي هئي، سليمت ننڍن وڏن جانورن جو هٿ ڏس ذريعي علاج ڪندي هئي ۽ هوءَ جانورن جي علاج جي ماهر هئي.
سليمت جو چاچو مهراڻ جانورن جي علاج جو وڏو ڄاڻو هو، وٽس ڍورن جو وڏو انگ هو، سليمت سندس صحبت ۾ گهوڙن، اُٺن،ڳئن، ٻڪرين ۽ رڍن جي بهتر پرورش ۽ علاج لاءِ مختلف هنر ۽ طريقا سکي ورتا هئا، اهڙيءَ طرح ٿوري عرصي ۾ هوءَ روايتي جانورن جي سنڀال جي ماهر طور اڀري آئي، جيڪا گهريلو جانورن جي علاج لاءِ ديسي علاج جا طريقا ۽ ٽيڪنڪ استعمال ڪندي هئي.
40ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ هوءَ ننگرپارڪر ۽ اسلام ڪوٽ جي علائقي ۽ بعد ۾ سڄي ضلعي ۾ مال جي بيمارين لاءِ ڄاڻ رکڻ جي لحاظ سان مشهور ٿي وئي، هن گذريل 8 ڏهاڪن ۾ هزارين جانورن جو مفت علاج ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.