”پنهنجو وقار نه وڃايو“ يمنيٰ زيدي جي تازي فوٽو شوٽ تي تنقيد

مقبول ترين ڊرامي ”تيري بن“ ذريعي شهرت جي بلندين تي پهتل اداڪارا يمنيٰ زيدي کي تازي فوٽو شوٽ جي بنياد تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
يمنيٰ پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس هڪ برانڊ جي ڪپڙن جي مشهوري ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
اهو برانڊ اداڪارا جي پنهنجي ڀيڻ جو آهي پر يمنيٰ فوٽو شوٽ ۾ جيڪي ڪپڙا پاتا، اهي مداحن جي اڪثريت کي صفا نه وڻيا.
وڊيو ۾ يمنيٰ زيدي جو بولڊ انداز مداحن کي سندس مزاج کان بلڪل مختلف نظر آيو.
هڪ واهپيدار اداڪارا کي درخواست ڪندي چيو ته مهرباني ڪري پئسي ۽ مشهوري لاءِ اهڙو لباس نه پايو، پنهنجو وقار نه وڃايو.
هڪ واهپيدار لکيو ته اهڙو لباس توهان جي شخصيت تي صفا نٿو ٺهي، ٻئي لکيو ته اهو لباس صاف نه وڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.