سجل علي ۽ احد رضا مير ۾ طلاق جي تصديق ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ليجنڊري اداڪارا ريشم احد رضا مير ۽ سجل جي شادي ختم ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.

هڪ شو ۾ ڳالهه ٻولهه دوران اداڪارا ريشم شوبز انڊسٽري ۾ طلاقن تي به ڳالهايو ۽ طلاق جي وڌندڙ شرح کي بدقسمتي قرار ڏنو.

ريشم تصديق ڪئي ته فنڪار جوڙي سجل علي ۽ احد رضا مير جي شادي ختم ٿي وئي آهي.

هن چيو ته سجل جي شادي ٽٽڻ تي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، مان هن سان تمام گهڻو پيار ڪريان ٿي، مان هن کي تمام گهڻو پسند ڪريان ٿي، مون ساڻس گڏ ڪم به ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.