ڪراچي: وڏن واقعن ۾ ملوث دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي پوليس پراڻي سبزي منڊي ويجهو وڏي ڪارروائي ڪندي بندش پيل تنظيم جو دهشتگرد گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار ڪيل دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار، ڌماڪيدار مادو ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون.

دهشتگرد جو واسطو بندش پيل تنظيم سان آهي جوابدار سوات جو امير آهي.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب جوابدار عزت من اڳوڻي وفاقي وزير جي گهر تي حملي ۾ به ملوث رهيو آهي.

جوابدار انڪشاف ڪيو ته خواجا خيل چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ ملوث هو جنهن ۾ 3 فوجي جوان شهيد ٿيا هئا.

دهشتگرد مٽا پوليس اسٽيشن ۾ داخل ٿي ساٿين جي مدد سان هٿيار ڦر ڪيا هئا، جڏهن ته ساٿين جي مدد سان ڪانجو ايئرپورٽ تي حملو ڪري قبضو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.