ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 5 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 5 دهشتگرد ماري ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر موجب ٽانڪ جي علائقي ملازئي ۾ انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن 7 ۽ 8 ڊسمبر جي وچين رات دهشتگردن جي موجودگي تي اطلاع تي ڪيو ويو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد جو ذخيرو به هٿ ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا، ان کانسواءِ ڀتي خوري ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.