ماڻهن جي خراب نظر کان ڊپ ٿيندو آهي:مُشال خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا مشال خان چيو آهي ته ماڻهن جي خراب نظر کان گھڻو ڊپ ٿيندو آهي.
اداڪارا مشال خان خانگي ٽي وي سو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن شادي، شوبز ڪيريئر بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
مشال خان چيو ته جڏهن به شادي ڪنديس سڀ تفصيل نجي رکنديس ڇو جو ماڻهن جي خراب نظر کان گھڻو ڊپ لڳندو آهي جيڪي ماڻهو منهنجي شادي ۾ شرڪت ڪندا ته تصويرون سوشل ميڊيا تي پوسٽ نه ڪن.
هن چيو ته جڏهن به شادي ڪنديس ته اعلان ضرور ڪنديس پر مون کي لڳندو آهي ته ماڻهو اهڙا معاملا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪڏهن مون کي ڪنهن سان شادي ڪرڻي هوندي ته ان سان سنجيدهه ڪمٽمنٽ ڪنديس ۽ ان سان مون کي گھڻي محبت هوندي.
اداڪارا ٽرولنگ بابت چيو ته جيڪي ماڻهو پاڻ گھر ۾ خوش ناهن هوندا اهي ٻين کي به خوش نٿا ڏسي سگھن، اها شيءِ مون کان برداشت ناهي ٿيندي، مون کي اهڙن ماڻهن کان گھڻو ڊپ ٿيندو آهي ان ڪري پنهنجا معاملا نجي رکنديس.
مشال خان چيو ته في الحال منهنجي توجه ڪيريئر تي آهي، شادي ڪنهن سان ڪنديس ان بابت اڃا فيصلو ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.