”افطار“ کي عالمي ثقافتي ورثي جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو

پيرس (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي ثقافتي اداري يونيسڪو مسلمانن جي مقدس مهيني رمضان ۾ روزو کولڻ لاءِ ٿيندڙ اهتمام ”افطار“ کي عالمي ثقافتي ورثي جي لسٽ ۾ شامل ڪري ورتو.
گڏيل قومن جي ثقافتي اداري يونيسڪو افطار کي عالمي ثقافتي ورثي جي لسٽ ۾ شامل ڪري ورتو.
گڏيل قومن جي ثقافتي اداري رمضان جي مهيني جي ان اهم ترين حصي کي انٽين جيبل ((intangible)ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي.
ان لسٽ ۾ اهڙا عنصر شامل ڪيا ويندا اهن جن جي ڪا به ٺوس شڪل ناهي هوندي، مثال طور لوڪ ڪهاڻين، روس ۽ رواجن، علم ۽ ادب، روايتن، عقيدن کي ان فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.
ايران، ترڪيه، آذربائيجان ۽ ازبڪستان پاران گڏيل طور تي افطار کي ثقافتي ورثي جو حصو بڻائڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، جنهن کان پوءِ افطار کي ثقافتي ورثي جو درجو ڏنو ويو.
يونيسڪو پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته افطار رمضان ۾ سج لهڻ جي وقت روزو کولڻ جو نالو آهي جنهن لاءِ سڀني مسلمان ملڪن ۾ خاص اهتمام ڪيو ويندو آهي.
يونيسڪو جي سومر کان جاري اجلاس ۾ افطار کي ثقافتي ورثو تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان اجلاس ۾ اٽلي جو ”اوپيرا گيت“ به عالمي ورثي جي لسٽ ۾ جاءِ بڻائڻ ۾ ڪامياب رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.