سانگهڙ: ٽن گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) سانگهڙ ويجهو ٽن گهرن کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.

ڳوٺ نندو شر ۾ شهزاد شر، انور شر ۽ ممتاز شر جي گهرن کي باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا، نياڻين جو ڏاج، زمين جا ڪاغذ ۽ ٻيو سامان سڙي ويو.

اطلاع تي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پهچي باهه تي ضابطو آندو، متاثر کليل آسمان هيٺ مدد لاءِ واجهائيندا رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.