گهوٽڪي: نوجوان امتياز ڀارو اغوا، 7 لک ڀنگ طلب

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) ميرپورماٿيلي واسي نوجوان امتياز علي ڀارو کي هٿياربندن اغوا ڪري ورتو جنهن بعد وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو ويو.

ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کان 7 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو، جنهن خلاف وارث عورتن پاران پاڪ ڪتاب کني احتجاج ڪيو ويو.

هنن گهر ڪئي ته نوجوان کي بازياب ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي آخري لوڪيشن ملتان جي آئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.