ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيو آهي ته ڪراچي کي 15 سالن کان ٻاهر کان آيل ماڻهو هلائي رهيا آهن، وڏو وزير اچي ٻڌائي ته شهري ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهن.
خالد مقبول صديقي چيو ته جهنگ جو به قانون هوندو آهي پر هتي ته قانون رڳو پيسو آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول سان گڏ موجود فاروق ستار چيو ته حڪومت ۽ انتظاميا طرفان باهه متاثرن سان همدردي ڪرڻ وارو ڪوبه نه آهي، انتظاميا جو ڪوبه آفيسر عائشا منزل جي باهه متاثرن وٽ موجود نه آهي.