ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري نگران وزير مرتصيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪرائڻ رڳو اليڪشن ڪميشن جو ئي ڪم آهي، اسان جو ڪم رڳو اليڪشن ۾ مدد ڪرڻ آهي، جيڪا اسان ڪنداسين.
احمد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آئين تحت ملڪ کي چونڊيل نمائندا ئي هلائيندا، اليڪشن ڪميشن جون سموريون گهرجون پوريون ڪنداسين. ڪوشش آهي ته وفاق ۽ صوبن ۾ ڪي ويڇا پيدا نه ٿين، صوبن سان گڏجي ڪم ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته ليول پليئنگ نه ملڻ جون شڪايتون جمهوريت جو حصو آهن، جمهوريت ۾ شڪايتون ٿينديون رهنديون آهن، جمهوريت قبرستان جو نالو ناهي جتي خاموشي هجي.
هن وڌيڪ چيو ته تڪبندين بابت عدالت ۾ درخواست جو ڪهڙو فيصلو ايندو، اهو سوال مفروضي تي ٻڌل آهي.