يونيسڪو ”افطار“ کي عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو

گڏيل قومن جي ثقافتي اداري يونيسڪو ”افطار“ کي عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو.
يونيسڪو افطار کي intangible ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي، intangible ثقافتي ورثي ۾ اهڙي عنصر کي شامل ڪيو ويندو آهي، جنهن جي ڪا ٺوس شڪل ناهي هوندي پر اهي برادرين يا قومن جي ثقافت يا سڃاڻپ سمجهيا ويندا آهن، مثال طور لوڪ داستانن، روايتن، عقيدن، رسمن رواجن، علم ۽ ٻولين وغيرا کي ان فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو.
ايران، ترڪيه، آذربائيجان ۽ ازبڪستان طرفان گڏيل طور يونيسڪو ۾ مسلمانن جي سماجي روايت افطار کي ثقافتي ورثي جو حصو بڻائڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.
يونيسڪو طرفان 6 ڊسمبر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته رمضان مهيني دوران هر ڏينهن سج لٿي مهل سڄي دنيا جا مسلمان افطار ڪندا آهن.
بيان ۾ چيو ويو ته افطار دوران ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن، جنهن سان خاندان ۽ برادرين ۾ لاڳاپا مضبوط ٿيندا آهن، جڏهن ته يڪجهتي، سخاوت ۽ سماجي ڀلائي کي هٿي ملندي آهي.
يونيسڪو جي انٽر گورنمينٽل ڪميٽي دي سيف گارڊنگ آف intangible ڪلچرل هيريٽيج افطار کي ثقافتي ورثي جو حصو بڻائڻ جي منظوري ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.