غير قانوني پرڏيهي ملڪي سلامتي ۽ معيشت کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي ملڪي سلامتي ۽ معيشت کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن، اهڙن غير قانوني سان باعزت طريقي سان واپس موڪليو پيو وڃي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور جو دورو ڪيو، جتي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس آجيان ڪئي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف دهشتگردي خلا ف مختلف ڪارروائين ۾ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن ۽ جوانن سان به ملاقات ڪئي ۽ انهن جي بي مثال ڪارڪردگي کي ساراهيو.
ان موقعي تي آرمي چيف کي سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال، دهشتگردي خلاف ڪارروائين، غير قانوني پرڏيهين جي واپسي سميت نون ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پهريون ڀيرو ٿيل قومي ورڪشاپ خيبر پختونخواهه جي شرڪت ڪندڙن سان خطاب ۾ چيو ته قوم کي فوج جي ڪارڪردگي تي فخر آهي، پاڪ فوج وطن جي حفاظت جو فرض رت جي آخري ڦڙي تائين ادا ڪندي رهندي.
هن چيو ته غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جو فيصلو حڪومت ملڪي مفاد ۾ ڪيو، اهي ملڪي سلامتي ۽ معيشت کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن، کين عزت سان واپس پنهنجي ملڪ موڪليو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.