هر شئي ڄمي وئي، دنيا جي ٿڌي ترين شهر ۾ پارو ڪاٽو 58 ٿي ويو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي شهر ياڪوتسڪ جو پارو ڪاٽو 58 ڊگري ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هر شئي ڄمي وئي.
روس جي علائقي سائبيريا ۾ ٿڌين هوائن جو راڄ آهي، ياڪوتسڪ شهر ۾ پارو ڪاٽو 58 ٿي ويو.
موسميات کاتي موجب محسوس ڪيو ويندڙ پارو ڪاٽو 68 هوندو، اهو دنيا جو ٿڌو ترين هنڌ آهي، هونئن ته ان شهر ۾ ڪاٽو 40 معمول جي ڳالهه آهي پر ياڪوتسڪ ۾ هلندڙ سياري جي مند غير معمولي ثابت ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.