چڙيا گهر ۾ چيتي جي پڃري مان هڪ شخص جو لاش هٿ، انتظاميا پريشان

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) چڙيا گهر ۾ چيتي جي پڃري مان هڪ شخص جو لاش برآمد ٿيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.
بهاولپور جي چڙيا گهر ۾ چيتي جي ڀڃري مان هڪ شخص جو لاش مليو، انتظاميا ٻڌايو ته صبح چيتي جي پڃري ۾ گوشت وجهڻ وياسين ته اتي لاش پيو هو، واقعو امڪاني طور تي رات جو پيش آيو.
چڙيا گهر جي انتظاميا موجب جاچ ڪري رهيا آهيون ته شهري پڃري ۾ ڪيئن داخل ٿيو، جنهن پڃري مان شهري جو لاش مليو، اتي چار چيتا موجود آهن.
پڃري مان ملندڙ لاش عملي جي ڪنهن فرد جو ناهي، لاش جي اڃا تائين سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي ۽ پوليس ۽ ضلعي انتظاميا ان حوالي سان جاچ ڪري رهي آهي.
ڊي سي ظهير انور ٻڌايو ته چڙيا گهر انتظاميا موجب انهن جو عملو پورو آهي ۽ شهر مان به ڪنهن جي گمشدگي جو واقعو رپورٽ ناهي ٿيو، لڳي ٿو ته رات جي وقت ڪو شخص پڃري ۾ داخل ٿيو.
پوليس موجب لاش سڃاڻپ جوڳو ناهي، فرانزڪ ٽيم سڃاڻپ لاءِ نمونا وٺي رهي آهي، ڊي اين اي کانپوءِ نادرا جي مدد سان سڃاڻپ ٿي سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.