اليڪشن ڪميشن جي منظوري بنا سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي سربراهه عهدي تان فارغ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي سيڪريٽري مس نصرت پروين سهتو کي عهدي تان هٽائي ڪاليجز ڊائريڪٽوريٽ ۾ واپس موڪلي ڇڏيو ۽ سندس جاءِ تي ڊائريڪٽوريٽ آف سنڌ ايجوڪيشن پاليسي ڪميشن، اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر حفيظ الله کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن اڃا تائين ان عمل جي منظوري ناهي ڏني.
صوبائي تعليم کاتي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي سيڪريٽري کي عهدي تان هٽائڻ جو سبب نون ڪتابن جي پرنٽنگ جا ٽينڊر جاري ڪرڻ ۾ ضاعدن ۽ ضابطن ۽ سيپرا قانونن تي عمل نه ٿيڻ ٻڌايو آهي.
سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي سيڪريٽري کي هٽائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سمري موڪلي وئي آهي.
تعليم کاتي جي ذريعن موجب مس نصرت سهتو کي عهدي تان هٽائڻ ۽ پروفيسر حفيظ الله جي مقرري جو نوٽيفڪيشن اڱاري ڏينهن 5 ڊسمبر تي جاري ڪيو ويو پر اليڪشن ڪميشن اڃا تائين بدلي جي منظوري ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.