واهپيدار سم وارن کي هي چارجز نه ڏين: پي ٽي اي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) چيو آهي ته واهپيدار سم ختم ڪرڻ لاءِ 200 رپيا چارجز ادا نه ڪن.

ايڪس تي هڪ پيغام ۾، پي ٽي اي چيو آهي ته موبائيل آپريٽرز 31 ڊسمبر کان اڳ سم واپسي چارجز جو مطالبو نٿا ڪري سگهن، ڊسمبر تائين ڪا به چارج ادا ڪرڻ جي ضرورت ناهي.

پي ٽي اي پاران اهو اعلان سوشل ميڊيا تي هڪ سوال جي جواب ۾ سامهون آيو جنهن ۾ هڪ واهپيدار دعويٰ ڪئي ته سندس نيٽ ورڪ سم واپس ڪرڻ لاءِ رقم وصول ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڊيڊ لائن اڃا نه آئي آهي.

پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته اهڙين حالتن ۾ گراهڪ شڪايت داخل ڪرائي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.