فلم اينيمل ۾ جهاز واري سين جا ڪٽيل سين ليڪ، وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار رنبير ڪپور جي فلم ”اينيمل“ رليز ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا ۽ باڪس آفيس تي ڌم مچائي ڇڏي آهي.

هاڻ سوشل ميڊيا واهپيدار فلم جا ڪجهه منظر هٿ ڪري آيا آهن، جن بابت سندن دعويٰ آهي ته اهي منظر فلم رليز ٿيڻ کان اڳ ڊليٽ ڪيا ويا هئا.

ياد رهي ته فلم جو ٽريلر رليز ٿيڻ کان پوءِ فلم خبرن ۾ آهي.

هيءَ فلم اصل ۾ 3 ڪلاڪ 51 منٽن جي هئي پر بعد ۾ فلم جو مدو گهٽائڻ لاءِ ان مان ڪجهه منظر ڊاهيا ويا جنهن سان فلم جي ڪهاڻي متاثر نه ٿي آهي.

سنديپ ريڊي وانگا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هن فلم جو مدو 3 ڪلاڪ 21 منٽ آهي.

واضح رهي ته رنبير ڪپور، انيل ڪپور، بوبي ديول ۽ ريشميڪا منڊانا فلم ۾ وڏي اسڪرين تي نظر اچي چڪا آهن، جنهن جي هدايتڪاري سنديپ ريڊي وانگا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.