سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين تي پابندي برقرار رکڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سڄي صوبي ۾ گريڊ 1 کان 15 تائين سرڪاري ملازمتون فراهم ڪرڻ جي ڪيس ۾ سرڪاري نوڪرين تي پابندي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت سڄي صوبي ۾ گريڊ ون کان 15 تائين سرڪاري نوڪرين ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران عدالت اڳوڻي حڪومت پاران سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جي طرقي تي سخت ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت وڃي رهي هئي ويندي ويندي ڊپٽي ڪمشنرز کي اوپن ۽ بلينڪ مقررين جي ليٽر تي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جو چئي وئي ته ماڻهو اچي رهيو آهي نوڪري جو ليٽر ڏئي ڇڏيو، ڪيترائي ڊپٽي ڪمشنرز ته موڪلن تي هليا ويا.
جسٽس ظفر راجپوت چيو ته ماڻهن کي چيو ويو ته بلينڪ مقرر نامي ڊپٽي ڪمشنرز جي آفيسن مان وصول ڪريو، ان دوران سرڪاري وڪيل عدالت جي ريمارڪس جي تائيد ڪئي.
جسٽس ظفر راجپوت چيو ته اسان کي سرڪاري نوڪرين تي ميرٽ ۽ شفافيت جو خيال رکڻو آهي، پهريان ٽرانسپورٽ جو ادارو ايس آر ٽي سي هوندو هو ان کي به تباهه ۽ برباد ڪيو ويو، اداري اهو ئي رهندا اسان نه رهنداسين.
عدالت چيو ته ادارن کي سسٽم تحت هلائبو ته سڀني کي فائدو ٿيندو، جيڪڏهن سسٽم کانسواءِ هلائبو ته رڳو انهن جو فائدو ٿيندو جيڪي سرڪاري نوڪريون ڪن ٿا.
عدالت سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ڪيئر ۽ دائود انجينيئرنگ يونيورسٽي کي ڪانٽريڪٽ ملازمن لاءِ ٻيهر واضح اشتهار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت اسٽي جي باوجود سيسي ۾ سرڪاري نوڪريون ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن اسٽي جاري ٿي چڪو هو ته ڪيئن سرڪاري نوڪريون جاري ڪري ڇڏيون.
ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم موقف اختيار ڪندي چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي ۾ هڪ ايس او 40 نوڪريون جاري ڪري ڇڏيون، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي ڪيئن نوڪريون ۽ پگھارون جاري ڪيون پيون وڃن؟
عدالت سرڪاري نوڪرين تي پابندي کي برقرار رکندي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.