اڪيلن ماڻهن کي بيماري کان بچائڻ ۽ پاڻ بچڻ جا طريقا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نفسيات جي ماهر ڊاڪٽر اليگزينڊر ڪولمانووسڪي جو چوڻ آهي ته اڪيلائي جي احساس کان بچڻ لاءِ انسان کي پاڻ کي مجبور ڪرڻ گهرجي ته هو ٻين سان ڳالهه ٻولهه ڪري ۽ ان ۾ قوت ارادي ڏيکاري.

نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اڪيلائي صحت لاءِ خطرناڪ آهي ڇو ته ان سان ڊپريشن، دٻاءُ ۽ ان سان لاڳاپيل بيماريون جنم وٺن ٿيون، انسان کي اڪيلائي جو شڪار نه ٿيڻ جي لاءِ ٻين سان پنهنجي لاڳاپن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ دوستن ۽ واقفڪارن سان لاڳاپا هميشه سٺا رکڻ گهرجن.

هن چيو ته اڪيلي ماڻهوءَ کي پنهنجي پاڻ تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو ساڻس تعلق ۾ اطمينان ۽ راحت محسوس ڪن، يعني جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن ٻئي کان مدد گهرجي ته بغير ڪنهن شڪ جي شخص جي مدد ڪرڻ لاء تيار ٿي هو پاڻ کي ان شخص جي جاءِ تي رکي.

ڊاڪٽر اليگزينڊر ڪولمانوسڪي چيو آهي ته اڪيلو ماڻهو اڪثر اداس ٿي ويندو آهي جڏهن هو خاموشيءَ سان ويهندو آهي ۽ انتظار ڪندو آهي ته ڪو هن ڏانهن ڌيان ڏئي، اهڙي ماڻهو جي مدد ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.