ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن طرفان اغوا جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس جي اهلڪارن طرفان ڏوهن جي وارداتن جو سلسلو نه بيهجي سگهيو، گارڊن هيڊ ڪوارٽر ۽ ڪلاڪوٽ ٿاڻي جي ٻن اهلڪارن کي شارٽ ٽرم اغوا ۾ ملوث هجڻ جي گرفتار ڪيو ويو.
ايس ايس پي ملير طارق مستوئي موجب اسٽيل ٽائون ۾ شارٽ ٽرم اغوا ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جن ۾ ٻه پوليس اهلڪار به شامل آهن.
طارق مستوئي ٻڌايو ته جوابدارن واپاري مرزا بيگ کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو هو، واپاري جي گهر ڀاتين کان 29 لک 50 هزار رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو ۽ 19 لک رپيا وصول ڪيا ويا، جوابدارن مغوي جي گهر ڀاتين کي پنهنجو واسطو ڳجهي ايجنسي سان ظاهر ڪيو.
ايس ايس پي ملير ٻڌايو ته گرفتار اهلڪار رفيق گارڊن هيڊ ڪوارٽر ۽ يونس ڪلاڪوٽ ٿاڻي ۾ مقرر آهي، ٽيون جوابدار اهلڪارن جو انفارمر آهي، واقعي ۾ ملوث گڏاپ ٿاڻي جي اهلڪار سرفراز سميت 3 جوابدارن جي ڳولا جاري آهي، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هڪ ڪار، هٿيار ۽ روڪ رقم برآمد ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.