سنڌ جي ثقافت امن، محبت، بهادري ۽ مهمان نوازي جي تاريخ آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سنڌين کي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت امن، محبت، بهادري ۽ مهمان نوازي جي تاريخ آهي.
پنهنجي بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته قومون پنهنجي ثقافت سان سڃاتيون وينديون آهن، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني قومن جي ثقافت کي زندهه رکڻ لاءِ وزارت قائم ڪئي.
هن چيو ته اسلام آباد ۾ قائم لوڪ ورثو ملڪ ۾ رهندڙ قومن جي ثقافت جي تاريخ بيان ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.