سال 2023 ۾ پاڪستانين سڀ کان وڌيڪ ڇا ٻڌو؟ ٽاپ 10 لسٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ميوزڪ اسٽريمنگ سروس اسپوٽيفائي سال 2023 دوران پاڪستان ۾ مداحن جي دلين تي راڄ ڪندڙ گلوڪارن جي عالمي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستاني گلوڪار به شامل آهن.

اسپوٽيفائي 2023ع ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيل گلوڪارن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي.

هلندڙ سال جي آخر ۾ پاڪستاني ڳائڻا عاطف اسلم ۽ طلحه انجم هڪ ڀيرو ٻيهر موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن جو ثبوت ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ انهن جو شمار پاڪستان جي مقبول ترين گلوڪارن ۾ ٿئي ٿو.

پاڪستان ۾ مجموعي طور تي سڀ کان وڌيڪ ٻڌو ويندڙ ڳائڻو ڀارتي ارجيت سنگهه آهي.

انهن کان سواءِ پريتم، اي پي ڍلون، عاطف اسلم، طلحه انجم، ٽيلر سوئفٽ، نصرت فتح علي خان، مرحوم موسيٰ والا، راحت فتح علي خان ۽ عاصم اظهر به شامل آهن.

پاڪستان جي عورت ڳائڻين ۾ پسوري کان عالمي شهرت حاصل ڪندڙ شي گل پهرين نمبر تي آهي.

ان کان پوءِ مومنا مستحسن ۽ عابده پروين کي سڀ کان وڌيڪ ٻڌو ويو.

لسٽ ۾ قرة العين بلوچ، نصیبو لعل ۽ آئمه بيگ به شامل آهن.

اهڙي طرح نازيه حسن جيڪا 23 سال اڳ لاڏاڻو ڪري وئي هئي، اڄ به سڀ کان وڌيڪ ٻڌايل گلوڪارن جي لسٽ ۾ شامل آهي.

نوجوان گلوڪار عمير ۽ عبدالحنان به پاڪستاني گلوڪارن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويا.

مشهور پاڪستاني گيتن جي ڳالهه ڪجي ته ڪيفي خليل جي گاني ”ڪهاني سنو“ جي مقبوليت کي ٻيو ڪو به گيت مات نه ڏئي سگهيو، پر نئين ڳائڻي عبدالحنان جي گيت پڻ مقبوليت ماڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.