بي اين پي جو چونڊن کان بائيڪاٽ جو اعلان

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي سڀ کان وڏي مخالف ڌر پارٽي بنگلاديش نيشن پارٽي (بي اين پي) چونڊن کان بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

بنگلاديشن نيشنل پارٽي جي ترجمان پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهه ٻُلهه ڪندي چيو آهي ته اسانجي پارٽي چونڊن کان بائيڪاٽ ڪري ٿي.

بي اين پي ترجمان جو چوڻ هو ته ويزاعظم شيخ حسينه واجد سان گڏ ڪنهن به اليڪشن ۾ حصو نه وٺنداسين ڇو ته هن گذريل ٻن چونڊن ۾ دانڌلي ڪئي آهي.

هن ٻڌايو ته آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسان جي پارٽي جا ارڙهن هزار کان مٿي اڳواڻي ۽ حامي گرفتار ڪيا ويا آهن، هاڻي ڪنهن ٽوڪ جهڙي چونڊن ۾ حصو نه وٺنداسين.

واضح رهي ته بنگلاديش ۾ چونڊون ايندڙ سال ست جنوري تي شيڊيول ٿيل آهن.

جڏهن ته بنگلاديش ۾ ٻيون مخالف ڌر پارٽيون به چونڊن کان بائيڪاٽ ڪري چُڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.