انٽرنيٽ جي دنيا ۾ نئين سروس: فيس بڪ، انسٽاگرام، واٽس ايپ ۽ ٽڪ ٽاڪ کي ڌڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيٽ جي دنيا ۾ هڪ نئين سروس واهپيدارن جي انگ ۾ واڌ جي حوالي سان ٽڪ ٽاڪ، فيس بڪ، يوٽيوب، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جهڙين مقبول ايپس کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

آرٽي فيشل انٽيلجنس چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ٽي هڪ سال ۾ مقبوليت جي حوالي سان ٻين سڀني ايپس ۽ سروسز کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

چيٽ جي پي ٽي کي 30 نومبر 2022 تي دنيا جي سامهون متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هڪ سال دوران ان کي استعمال ڪندڙ ماڻهن جو انگ حيران ٿي ويو آهي.

ان مقبول اي آءِ چيٽ بوٽ کي استعمال ڪندر ماڻهن سولائي سان گهربل تفصيل حاصل ڪري سگهن ٿا، مضمون لکي سگهن ٿا ۽ گهڻو ڪري سگهن ٿا.

متعارف ڪرائڻ جي 5 ڏينهن بعد ئي ان کي استعمال ڪندر ماڻهن جو انگ 10 لک کان وڌي ويو هو جڏهن ته ٻن مهينن ۾ ان جي واهپيدارن جو انگ 10 ڪروڙ تائين پهچي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.