جهاز اڏڻ ۾ دير جو انوکو سبب، ڪپل شرما تپي باهه، ڪمپني کي ڇَنڊ

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جو ناليوارو ڪاميڊين ڪپل شرما ايئر جهاز جي دير سان اڏڻ تي تپي باهه ٿي ويو ۽ عملي تي ڪڙڪي پيو.

ڪنهن به ملڪ ۾ جهازن جي اڏڻ ۾ دير ٿيڻ عام ڳالهه هوندي آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي مسافر تڪليفن سان منهن ڏيندا آهن جنهن پريشاني سان ڪپل شرما کي به منهن ڏيڻو پئجي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو اڻٽيهه نومبر تي پيش آيو، ڪاميڊين ڪپل شرما جهاز ۾ سوار هو ۽ جهاز اڏڻ ۾ دير ٿي وئي، جڏهن ته عملي پاران ٻڌايل سبب ڪپل شرما کي ٺپ نه وڻيو ۽ ڪاميڊين عملي تي ڀڙڪي پيو.

ايئر لائين انتظاميا طرفان جهاز دير سان اڏڻ جو سبب پائليٽ جو ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هئڻ ٻڌايو ويو، ڪپل شرما اهڙي ڪاوڙ سوشل ميڊيا تي به ڪڍي ۽ انتظاميا کي ڇنڊ پَٽي.

ڪپل شرما پوسٽ ۾ انتظاميا سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پهريون بس ۾ پنجاهه منٽن تائين انتظار ڪرايو، هاڻي توهان جي ٽيم پائلٽ جو ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هئڻ جو سبب ڄاڻائي ٿي. ڇا واقعي ائين آهي؟ اسانکي ائين لڳي پيو ته رات اٺين وڳي تائين جهاز اڏري ويندو پر هاڻي ساڍا نوَ ٿيا آهن ۽ جهاز ۾ اڃا تائين پائليٽ ناهي پهتو. توهان کي ڇا ٿو لڳي ته هڪ سئو اسي مسافر ٻيهر هن ائير لائين جي جهاز ۾ سفر ڪندا؟ ڪڏهن به نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.