سائفر ڪيس جو ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ٿيندو، ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وزارت پاران نوٽيفڪيشن ملڻ بعد آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ واري خاص عدالت سائفر ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
آفيشل سيڪريٽعدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي فڊرل جڊيشل ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ ڪئي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل پاران جيل ٽرائل جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي ۽ دليل ڏنا ويا.
پي ٽي آءِ جي وڪيل استدعا ڪئي ته ٻڌڻي 5 ڊسمبر تي رکي وڃي جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته 5 ڊسمبر تي ٻڌڻي رکي ڇڏينداسين پر حاضري جي حوالي سان ته ٻڌڻي رکڻي ئي آهي.
عدالت سائفر ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.