بحريا ٽائون ڪيس، سنڌ حڪومت کي 6 ارب رپين جي پهرين قسط ملي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بحريا ٽائون عملدرآمد ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بحريا ٽائون ڪراچي پاران سپريم ڪورٽ ۾ جمل ڪرايل 65 ارب رپينمان سنڌ حڪومت کي 6 ارب رپين جي پهرين قسط ملي وئي آهي.
رپورٽ موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ پنهنجي فيصلي ۾ 460 ارب رپين جي بحريا ٽائون ڪراچي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ حڪم ڏنو ته 35 ارب رپيا وفاقي حڪومت 30 ارب سنڌ حڪومت کي ادا ڪيا ويندا.
سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته نيشنل بئنڪ ان اڪائونٽ جي هڪ تصديق ٿيل بئنڪ اسٽيٽمينٽ ۽ بينڪ مئنيجر جي صحيح تحت هڪ ڌار سرٽيفڪيٽ پيش ڪري جنهن تي نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر جي به صحيح هجي جنهن ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي موڪليل رقم واضح ڪئي وئي هجي ۽ اهو ٻڌايو ويو هجي ته ڄاڻايل اڪائونٽ کي بند ڪيوويو آهي.
ذريعن موجب سنڌ حڪومت کي هڪ ايڊوائيس موصول ٿي ته 6 ارب رپيا صوبائي حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پنهنجي ڪابينا ميمبرن سان مشاورت کان پوءِ رقم جو استعمال جو فيصلو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.