منظم ڏوهن ۾ ملوث سنڌ پوليس جا 11 اهلڪار برطرف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) منظم ڏوهن ۾ ملوث هجڻ تي سنڌ پوليس جي 11 اهلڪارن کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو.
ايس ايس پي ڪياماڙي عارف اسلم رائو موجب برطرف ڪيل اهلڪارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ کان پوءِ لاڳاپيل آفيسر کان انڪوائري ڪرائي وئي، جنهن ۾ اهي منشيات، گٽڪي جي وڪري، اسمگلنگ سميت ٻين منظم ڏوهن ۾ ملوث نڪتا.
هن ٻڌايو ته جاچ ۾ ملوث نڪتل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي فائنل شوڪازا نوٽيس جاري ڪيو ويو ۽ گذريل ڏينهن اردلي روم ۾ ٻڌڻي کان پوءِ فيصلا ڪيا ويا. 14 آفيسرن ۽ اهلڪارن اردلي روم ۾ هن جي آڏو پيش ٿيا.
ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سب انسپيڪٽر محبوب تنولي ۽ 10 پوليس اهلڪارن هيڊ ڪانسٽيبل اڪرام الله، ڪانسٽيبل چن زيب، ڪانسٽيبل جبار، ڪانسٽيبل سهيل، ڪانسٽيبل انيل علي، ڪانسٽيبل رفيق، ڪانسٽيبل اويس، ڪانسٽيبل محمد، ڪانسٽيبل عبدالماجد ۽ ڪانسٽيبل مصور علي کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو.
ٻن اهلڪارن جي سروس ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي ۽ هڪ اهلڪار جي ٻيهر انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي.
ايس ايس پي عارف اسلم چيو ته ڏوهن جي سرپرستي، سهولتڪاري ۽ ڏوهن ۾ ملوث ڪنهن به پوليس آفيسر يا اهلڪار کي هرگز بخش نه ڪيو ويندو ۽ اهڙن عنصرن کي محڪماڻي ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.