پاڪستان ۾ ماءُ جي ٿڃ نه ملڻ سبب هر سال 14 هزار ٻار فوت ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هر سال 1 لک 41 هزار ٻار ماءُ جي ٿڃ نه ملڻ سبب فوت ٿين ٿا.
سينيٽ جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين همايون مهمند جي صدارت هيٽ اجلاس ٿيو جنهن ۾ انجرڊ ٽريٽمينٽ بل 2023ع پيش ڪيو ويو.
خانگي اسپتالن ۾ حادثن جو شڪار مريصن جي بل حڪومت پاران ادا ڪرڻ تي صحت واري سيڪريٽري چيو ته ان عمل لاءِ بجيٽ جي ضرورت پوندي.
سينيٽر مهر تاج روغاني چيو ته پولي ڪلينڪ ۾ آپريش ٿيندا هئا ۽ بجيٽ ڪوليپس به ٿي وئي هئي.
سينيٽر ڄام مهتاب چيو ته ايمرجنسي ۾ هر صورت ۾ مريصن کي ٽريٽمينٽ ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهو بل ۾ به موجود آهي،زندگي بچائڻ پهريان هجي، ميڊيڪو ليگل جي سسٽم ۽ فريم ورڪ تي غور ترجيح هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي.
ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته عوامي ضرورت تحت ان بل کي اسان کي منظور ڪرڻو پوندو. سينيٽر مهر تاج ڪميٽي انڪشاف ڪيو ته هڪ لک 41 هزار ٻار ماءُ جي ٿڃ نه م لڻ سبب مختلف بيمارين جو شڪار ٿي فوت ٿي وڃن ٿا، هٿرادو خوراڪ سان ٻارن ۾ غذائي ضرورت پوري نٿي ٿئي.
هن وڌيڪ چيو ته 36 مهينن تائين ٻارن کي ماءُ جي ٿڃ لازمي آهي،صحت جي عالمي اداري به ان مدي تائين بازاري شين جي مخالفت ڪئي آهي، 36 مهينن کان ننڍي عمر واري ٻارن کي دٻي وارو کير ۽ خوراڪ ڏيڻ جي حوصلا شڪني ضروري اهي. بل ۾ تجويز ڪيو ويو آهي ته مينوفيڪچررز جي خلاف 4 سال قيد ۽ 5 ملين ڏنڊ کي قانون جوحصو بڻائڻ گھرجي.
ڪميٽي چيئرمين جو چوڻ هو ته ڪيس عدالت ۾ مينوفيڪچرر کڻي وڃن ته اسان کي ڪرمنل ڪورٽ ۾ دفاع ۽ سفارشون پيش ڪرڻيون پونديون.
اسٽينڊنگ ڪميٽي وزارت پاران اسپتالن کي بجيٽ کان انڪار ڪرڻ جو معاملو به بحث هيٺ آيو جنهن تي صحت واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته بجيٽ لا3 فنڊ ناهن، فنڊ رليز ٿيندا ته فراهم ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.