هٿرادو ذهانت (اي آءِ) ڦڦڙن جي ڪينسر جي نشاندهي ۾ مددگار ثابت

شڪاگو (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته هٿرادو ذهانت سگريٽ نه ڇڪيندڙن ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جي خطري جو اندازو لڳائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي.
ميڊيا رپورٽن موجب شڪاگو ۾ آمريڪي محققن چيو آهي ته هٿرادو ذهانت”CXR-Lung-Risk“ پروگرام سيني جي ايڪسري جي معمول جي تصوير جو جائزو وٺندو آهي جنهن ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر سان سلهاڙيل نمونن جي ڳولا ڪئي ويندي آهي.
شڪاگو ۾ ريڊيالوجيڪل سوسائٽي آف نارٿ آمريڪا جي سالياني اجلاس ۾ پيش ڪيل نتيجن موجب جن ماڻهن جي سيني جي ايڪسري کي اي آءِ پروگرام ڪڍيو، انهن ۾ وڌيڪ تحقيق کان پوءِ ڦڦڙن جي ڪينسر جو خطرو ٻيڻو هو.
بوسٽن ۾ ميساچوسٽس جنرل اسپتال ۾ هٿرادو ذهانت جي ڊائريڪٽر، ڪارڊيو وسڪيولر اميجنگ رسرچ سينٽر جي شريڪ ڊائريڪٽر ۽ سينيئر محقق ڊاڪٽر مائيڪل چيو ته اهو اي آءِ ٽول انهن ماڻهن لاءِ اسڪريننگ جي موقعن جو در کوليندو آهي جن ڪڏهن به تماڪ ناهي واپرايو پر انهن ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جو خطرو ٿي سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.